نواز شريف بُڪي ۾ تڪليف سبب اسپتال داخل

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي بُڪي جي اوچتو شديد تڪليف سبب فوري طور اسپتال آندو ويو.

نواز شريف جي اسپتال ۾ رت جي ٽيسٽ ۽ سي ٽي اسڪين ڪئي وئي. اطلاعن موجب نواز شريف بُڪي ۾ تڪليف سبب بهتر محسوس نه پئي ڪيو جهن جي ڪري کيس اسپتال آندو ويو.

اسپتال ۾ نواز شريف جي بُڪي ۾ پٿري جو علاج جاري آهي.

ان حوالي سان نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز تصديق ڪئي ته هن جي پيءُ کي بُڪي ۾ سخت تڪليف جي ڪري اوچتو اسپتال وڃڻو پيو جنهن جي ڪري هو پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ جي سربراه اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.

مريم چيو ته اجلاس ۾ هو پنهنجي پيءُ جي نمائندگي ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.