ڪنڌڪوٽ ڀرسان معذور شخص جون  بااثرن جي زيادتين خلاف دانهون 

ڪنڌ ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ نبي بخش گولو جي رھواسي ٽنگ کان معزور ھاري پوپل گولو پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ پھچي احتجاج ڪندي چيو تھ ڳوٺ جا بااثر  علي اڪبر ـ لعل بخش ـ سليم ـ ياسين گولو کيس بنا جواز ڳوٺ نيڪالي ڏئي سندس  زرعي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي جنھن جي دانھن هن وس وارن کي ڏني جنهن جو ڪو به تدارڪ نٿي سگھيو ، هن چيو ته هو مسڪين آهي  ظالمن هن سان ظلم ڪيو آھي،  هو  پنھنجي گھر ڀاتين سميت در بدري واري زندگي گھارڻ تي مجبور آهي، هن وزير اعلي سنڌ ، آء جي سنڌ سميت وس وارن ۽  اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو  تھ سندس دانھن جي داد رسي ڪري کيس انصاف فراھم ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.