ميرپور ماٿيلو :چاچڙ برادري جي مرد ۽ عورتن پاران بااثرن جي زيادتي خلاف احتجاج

ميرپور ماٿيلو ۾ چاچڙ برادري جي مرد ۽ عورتن پريس ڪلب پھچي بااثرن پاران ڪارنھن جي تھمت ڏئي حملو ڪرڻ ۽ جرڳي ۾ نياڻي جي سنڱ چٽي جي فتواي خلاف احتجاج ڪيو ويو ،ان موقعي تي ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي ڳوٺ ڊرنگ چاچڙ جي رھواسين حافظ قيوم چاچڙ، عبدالرحيم چاچڙ، مائي عالمو چاچڙ، مائي سوناري چاچڙ جي اڳواڻي ۾ ميرپورماٿيلو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانھيو ته جوابدار عمر چاچڙ 6 مھينا اڳ پنھنجي زال حسينا چاچڙ سان مولوي ممتاز علي چاچڙ کي تھمت ڏيئي اعظم چاچڙ ۽ لطف چاچڙ جي اڳواڻي ۾ پاڻمرادو جرڳو ڪري 3 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪرڻ سان گڏ الزام ھيٺ آيل ممتاز چاچڙ جي 4 ورھين جي پوٽي ياسمين کي سنڱ چٽي ڏيڻ طور فتواي جاري ڪئي، سنڱ نه  ڏيڻ تان عمر چاچڙ،عثمان چاچڙ، واجد چاچڙ ۽ اعظم چاچڙ سميت ڏھ جوابدارن حملو ڪري ممتاز جي ڀاء ڪوڙو چاچڙ کي سخت زخمي ڪيو آهي ، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بااثرن جي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي انهن کي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي

رپورٽ-نصرالله گڏاڻي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.