گهوٽڪي: عبدالله شاہ بخاري جي صدارت ۾ پ پ تعلقي خانڳڙھ جو اهم اجلاس

پ پ تعلقي خانڳڙھ جو اهم اجلاس خانڳڙھ شريف ۾ پ پ تعلقه خانڳڙھ جي صدر عبدالله شاہ بخاري جي صدارت ۾ ٿيو،  اجلاس ۾ تعلقي ۽ مختلف يوسيز جي پ پ جي عهديدارن ۽ ورڪرز محمد امين گبول، سيد عبدالمجيد شاھ، عبدالرشيد ملهڻ، صفت علي گبول، عابد علي ميراڻي۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي پ پ تعلقي خانڳڙھ جي صدر سيد عبدالله شاه چيو ته چيف سردار محمد بخش خان مهر ۽ پ پ ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابر ان لنڊ جي ھدايتن تي پ پ تعلقي خانڳڙھ جي عهديدارن ۽ ورڪرن جو اجلاس ڪوٺايو ويو آهي ،  اجلاس ۾ 30 نومبر تي ملتان ۾ ٿيندڙ پ پ جي يوم تاسيس جلسي ۾ ڀرپور نموني شرڪت لاء تياريون ڪرڻ ۽ پروگرام ترتيب ڏيڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا آهن ،  ھوڏانھن اجلاس بعد ملتان يوم تاسيس جلسي ۾ شرڪت لاء پ پ اڳواڻن پاران مختلف ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن

رپورٽ- ميهرمهر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.