حڪومت پنهنجن کي نوازڻ ۾ رُڌل آهي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف لاهور هاءِ ڪورٽ قاسم خان 23 نومبر کي سرڪاري تحفن جي ڳجهي نيلامي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته ڇا هي آرٽيڪل 25 جي ڀڃڪڙي ناهي؟ حڪومت پنهنجن کي نوازڻ ۾ رُڌل آهي.

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد قاسم خان توشه خانه جي سرڪاري تحفن جي ڳجهي نيلامي روڪڻ لاءِ عدنان احمد پراچا جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت وفاقي حڪومت طرفان سرڪاري تحفن جي ڳجهي نيلامي روڪڻ جو حڪم ڏيندي اٽارني جنرل پاڪستان سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس قاسم خان ريمارڪس ڏنا ته ڇا هي آرٽيڪل 25 جي ڀڃڪڙي ناهي؟ حڪومت پنهنجن کي نوازڻ ۾ پوري آهي، ڇا هي شفاف نيلامي آهي هن تي ته پهرين ئي مرحلي ۾ شفافيت نه رهي، ڇا هي سڀ ڪجهه سول بيورو ڪريسي ئي وٺڻ جي حقدار آهي؟ ڇا باقي ماڻهو هن ملڪ ۾ ڪيڙا ماڪوڙا آهن، هي آئين ڪهڙي مرض جي دوا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.