اسرائيل کي قبولڻ لاءِ پاڪستان تي ڪو دٻاءُ ناهي: پرڏيهي کاتي جي وضاحت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  پرڏيهي کاتي اسرائيل کي قبول ڪرڻ لاءِ پاڪستان تي دٻاءُ واريون ميڊيا رپورٽون رد ڪري ڇڏيون.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل کي قبول ڪرڻ بابت وزير اعظم تي آمريڪي دٻاءَ جون خبرون ڪوڙيون آهن، وزير اعظم واضح چئي چڪو آهي ته فلسطين جي مسئلي جي منصفاڻي حل تائين پاڪستان اسرائيل کي قبول نٿو ڪري سگهي.

ترجمان چيو ته وزير اعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو هو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان جي پاليسي قائد اعظم جي ويزن تي ٻڌل آهي، وزير اعظم جي واضح موقف کان پوءِ بي بنياد اڳڪٿين جي ڪا به گنجائش ناهي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ راڄڌاني القدس واري فلسطين جو حامي آهي، پاڪستان گڏيل قومن، او آءِ سي جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي موجب فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.