بختاور ڀٽو زرداري جي مڱيدي جي مڪمل تفصيل منظر تي اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان بختاور ڀٽو زرداري جي مڱيدي بابت مڪمل تفصيل شيئر ڪئي وئي.

جڏهن کان بختاور ڀٽو زرداري جي مڱڻي جون خبرون منظر تي آيون آهن تڏهن کان ماڻهو اِهو ڄاڻڻ لاءِ بي چين آهن ته آخر سندس مڙس ڪير آهي. سوشل ميڊيا تي بختاور زرداري جي مڱيدي بابت ڄاڻ هاڻ شيئر ڪئي پئي وڃي. جنهن جي تصحيح ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي سيڪريٽريٽ جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان محمود چوڌري (بختاور جي مڱيدي) بابت مڪمل تفصيل شيئر ڪئي وئي آهي.

شيئر ڪيل پوسٽ موجب آصف علي زرداري ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڌيءَ بختاور ڀٽو زرداري جي مڱڻي 27 نومبر 2020ع تي محمود چوڌري سان ٿيندي.

محمودچوڌري محمد يونس ۽ بيگم ثريا چوڌري جو پٽ آهي جيڪو پاڪستان جي شهر لاهور سان تعلق رکي ٿو. باضابطا پڌرائي موجب مسٽر يونس 1973ع ۾ متحده عرب امارا منتقل ٿي ويو هو جتي هن سخت محنت سان ٽرانسپورٽ ۽ صنعت (ڪنسٽرڪشن) جو واپار قائم ڪيو.

محمود چوڌري 28 جولاءِ 1988ع کي ابو ظهبي ۾ پيدا ٿيو ۽ 5 ڀائرن ڀينرن ۾ سڀ ننڍا آهن. (تاريخ پيدائش موجب محمود چوڌري جي عمر 32 سال آهي.) هن شروعاتي تعليم ابوظهبي ۾ حاصل ڪئي ۽ ثانوي تعليم حاصل ڪئي ۽ ثانوي تعليم برطانيا ۾ مڪمل ڪئي. ان کان پوءِ هو يونيورسٽي آف درهم ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.