مورو: ڏيپارجا لنڪ روڊ ۾ کڏا پئجي ويا،حادثا معمول، علائقي واسين جو احتجاج

ڏيپارجا لنڪ روڊ ۾ کڏا پئجا ويا،روڊ حادثا معمول بڻجي ويا، پنجن يوسين جي رھواسين ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران ٻئي ڏينھن به احتجاجي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي ،بک ھڙتال تي ويٺل اڳواڻ عوامي تحريڪ جي محمد شاھ، اڪبر سنگراھ،جسقم جي شاھنواز سنڌي،وڪيل اڳواڻ سليم ڀنگر،شفي محمد ڀٽي ،۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڏيپارجا لنڪ روڊ ھنڌان ھنڌان ٽٽي ويو آھي، ڪيتريون ئي جانيون روڊ حادثن ۾ ضايع  ٿيون آھن،ڪيترائي ئي ماڻھو معذور ٿي ويا آھن، ھنن الزام ھڻندي چيو ته  پروانشل انجينيئر مبينا طور روڊ جا آيل پيسا ڪميشن ذريعي ھڙپ ڪرڻ چاھين ٿا،ھنن سنڌ حڪومت ،روينيو جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري ڊي سي نوشھروفيروز ۽ ٻين اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو  ڪيو .

رپورٽ- شاھنواز ڀٽي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.