سوڀوديرو :آءِ آر سي سوجھرو اسڪول جي شاگردن پاران گندگي خلاف مظاهرو

سوڀوديرو شھر جي آء آرسي سوجھرو اسڪول جي شاگردن پاران گندگي خلاف اسڪول اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ، شاگردن ماجد چنو اسد سامٽيو ابرار ڀٽو محمد طاھر پنجابي حسنين چنو ابراھيم ۽ ٻين ٽائون انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي،  شاگردن جو چوڻ هوته سوجھرو ماڊل اسڪول ۾ وڏي انگ ۾ نياڻيون ۽ شاگرد پڙھن ٿا،  نااھل ٽائون انتظاميا پاران نالين جي صفائي نه ٿي ڪرائي وڃي جنھن سبب نالين جو گندو پاڻي اسڪول جي گيٽ ۽ گھٽي ۾ بيٺل آھي ، گندي پاڻي سبب مجبورن کين اتان گذرڻو پوي ٿو جنھن سبب معصوم ٻار ڪري پون ٿا جن جا ڪپڙا ۽ ڪتاب پڻ گندي پاڻي ۾ خراب ٿي وڃن ٿا، هنن وس وارن کان  کان مطالبو ڪيو ته ٽائون انتظاميا خلاف قدم کڻي صفائي ڪرائي شاگردن کي گندگي مان نجات ڏياري وڃي

رپورٽ- اورنگزيب پيرزادو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.