گلشن اقبال:ڪشمور واقعي جي هاڪاري ڪردار سب انسپيڪٽر جي مان ۾ آجياڻو

ڪشمور واقعي ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ سب انسپيڪٽر محمد بخش ٻرڙو ۽ سندس خاندان کي هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ تي سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ شرڪت ڪئي . تقريب ۾ نائب امير جماعت اسلامي مولانا اسد الله ڀٽو، نائب امير جماعت اسلامي يونس بارائي،  ال ٻرڙا ويلفيئر چيئر مين عزيز ٻرڙو، ۽ ٻيا شريڪ هئا ،  ان موقعي تي نائب امير جماعت اسلامي مولانا اسد الله ڀٽو چيو ته محمد بخش ٻرڙو سنڌ پوليس جو هڪ بهادر سپاهي آهي جنهن پنهنجي اولاد جي قرباني ڏئي هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي .ال ٻرڙا ويلفيئر جي چير مين عزيز ٻرڙو چيو ته محمد بخش ٻرڙو کي سلام پيش ڪجي ٿو جنهن اسان جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي

رپورٽ-شفقت نوناري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.