پنوعاقل: 6 مھينا اڳ اغوا ٿيل پورھيت ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿي گهر پهتو

6 مھينا اڳ گھوٽڪي جي علائقي مان اغوا ٿي ويل پورھيت عبدالرحمان چاچڙ ڪچي مان زنجير ٽوڙي پيادل بائيجي ٿاڻي تي پهچي ويو ،سالن پيار جي پرڻي تي ڪاوڙجي ڪڻڪ جي لاباري تان اغوا ڪري ڪچي ۾ ڌاڙيلن حوالي ڪيو هو، عبدالرحمان جو چوڻ هو ته  6 مھينن کان پوءِ وجهھ وٺي کٽ ۾ ٻڌل زنجير ۽ تالو ٽوڙي ڀڳس ته سي پيڪ تي پوليس ملي جن کڻي بائيجي ٿاڻي تي پھچايو، ھوڏانھون عبدالرحمان جي بازياب ٿيڻ جي خبر پوڻ تي سندس امڙ ڀائر ۽ عزيز بائيجي ٿاڻي تي پھچي پوليس سان لکت ڪري  کيس ڳوٺ وٺي ويا ،هن چيو ته هو  ميڊيا آڏو بيان رڪارڊ ڪرائي ٿو ته هن کي سالن جي ظلمن کان بچائي 6 مھينا قيد رکڻ وارو عدالتي انصاف ڏياريو وڃي ..

رپورٽ- عرفان ڪلھوڙو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.