ڪورونا وائرس سبب تعليم ادارا 3 مهينا بند رکڻ جو اعلان

هلندڙ سال ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيس کي نظر ۾ رکندي جتي سنڌ جي تعليم کاتي سياري جي موڪلن جو اعلان ناهي اُتي ئي بلوچستان جي ٿڌن علائقن اندر اسڪولن ۾ سياري جون موڪلون 3 مهينا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

بلوچستان جي تعليم واري کاتي ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي ۽ وائرس جي وڌيڪ پکڙجڻ کان بچاءِ لاءِ هلندڙ سال اسڪولن ۾ سياري جون موڪلون ٽي مهينا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

تعليم کاتي موجب ايندڙ ٽن مهينن تائين وائرس جي صورتحال کي ڏسندي تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ٽن مهينن بعد صورتحال جو چڱي ريت جائزو وٺي مستقبل جو فيصلو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.