ڪابينا ڪورونا دوائن جي درآمد ٽيڪس فري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا ڪورونا جي علاج جي دوائن تي درآمدي ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

اسلام آباد ۾ وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو جڏهن ته اجلاس ۾ ڪورونا جي ٻي لهر تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته ڪورونا پکڙجي رهيو آهي سخت احتياط جي ضرورت آهي، ان حوالي سان ضابطي ڪار (ايس او پيز) تي هر صورت ۾ عملدرآمد ڪرائينداسين.

ذريعن موجب ان موقعي تي وفاقي ڪابينا ڪورونا جي علاج جي دوائن ۽ خاتمي لاءِ شين تي درآمدي ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان فيصلي موجب ڪورونا جي علاج لاءِ دوائون ٽيڪس فري درآمد ڪري سگهجن ٿيون.

وفاقي ڪابينا پاڪستان ميڊيڪل اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان کان سواءِ آن لائن ويزا سهولت کي وڌيڪ 16 ملڪن تائين وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي.

ذريعن موجب ڪابينا ميمبرن گلگت بلتستان اليڪشن ۾ ڪاميابي تي وزير اعظم کي مبارڪون ڏنيون.

ان موقعي تي وزير اعظم جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي وزيرن ۽ پارٽي قيادت ڏينهن رات محنت ڪئي، اڪثريت حاصل ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي هر ميمبر کي شاباسي ڏيان ٿو.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته گلگت بلتستان ۾ حڪومت بڻائي اُتي جا مسئلا حل ڪنداسين ۽ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.