تازي ڄاول ٻار کي حفاظتي ٽُڪو نه هڻائڻ تي پيدائشي سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت تازن ڄاول ٻارن کي پهرين حفاظتي انجيڪشن (ٽُڪو) نه لڳرائڻ تي پيدائشي سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد طرفان سمورين سرڪاري اسپتالن کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ۽ هڪ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب اسپتال انتظاميا حفاظتي ٽڪن کان پوءِ ئي والدين کي برٿ سرٽيفڪيٽ جاري ڪند ۽ اميونائزيشن پراسيس کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي 17 کان 25 نومبر تائين ٽيچنگ اسپتالن ۾ وڃي چيڪنگ ڪندي جنهن ۾ گنگارام، ليڊي ايچي سن، سروسز، جنرل ۽ شيخ زيد اسپتال کي چيڪ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.