ڪورونا: ميڊيڪل جي شاگردن کي اڳتي لاءِ سپليمنٽري پرچن لاءِ واڌو موقعو ڏيڻ جي منظوري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ڪورونا وائرس جي دوران ڏکيائين ۾ ورتل ميڊيڪل جي شاگردن کي اڳتي لاءِ سپليمنٽري پرچن ۾ شامل ٿيڻ جو واڌو موقعو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ميڊيڪل جي شاگردن کي ريليف ڏيڻ لاءِ پنجاب جي گورنر طرفان ميڊيڪل يونيورسٽيز جي سربراهن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.

پنجاب جي گورنر جو چوڻ آهي ته ڪورونا کان بچاءِ سان گڏوگڏ ٻارن جي تعليم جو پورو احساس آهي، ميڊيڪل اسٽوڊنٽس ڏکين حالتن ۾ تعليم جاري رکي آهي، انهن جو ساٿ ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.