هاءِ ويز ۽ موٽر ويز جي ڀرپاسي ريسٽ ايريا جي ٻاهران علائقن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي منظوري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ڪابينا زرعي ايراضي جي سوا نيشنل هاءِ ويز، صوبائي هاءِ ويز ۽ موٽر ويز جي ڀرپاسي ۾ ريسٽ ايريا جي ٻاهرين علائقن کي پراپرٽي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ پنجاب اوورسيز پاڪستانيز ايڪٽ ۾ ترميمن ۽ ٻيهر لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ترميم کان پوءِ ڊسٽرڪٽ اوورسيز پاڪستانيز ڪميشن ڪميٽين جهڙيون تحصيل ڪميٽيون به بڻايون وينديون.

وزير اعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪابينا چلنڊرن اسپتال اينڊ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ لاهور کي يونيورسٽي آف چائلڊ هيلٿ جو درجو ڏئي ڇڏيو، لاهور ۾ يونيورسٽي آف چائلڊ هيلٿ جي بندوبست 3 اسڪول قائم ڪيا ويندا، پهرين جنوري 2021 کان کان بي اي ۽ ايم اي پروگرام ختم ٿي ويندو جڏهن ته ڊگري ڪاليج جو نالو تبديل ڪري ايسوسي ايٽ ڊگري ڪاليج، پوسٽ گريجوايٽ ڪاليج جو نالو گريجويٽ ڪاليج رکيو ويندو ۽ ايم فل لاءِ پوسٽ گريجويٽ ڪاليج هوندو.

هن ٻڌايو ته نيشنل، صوبائي هاءِ ويز ۽ موٽر ويز جي ڀرپاسي وارن ريسٽ ايريا جي ٻاهرين علائقن کي پراپرٽي ٽيڪس جي نيٽ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪابينا سيالڪوٽ ۾ اوقات کاتي جي 28 ڪنال ايراضي آرمي کي ڏيڻ جي منظوري به ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.