پاڪستان اندر ڪورونا جي لهر ۾ تيزي، وڌيڪ 33 ڄڻا فوت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر شدت اختياري ڪري ورتي آهي جنهن جي ڪري گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 33 ڄڻا ان وائرس سبب فوت ٿي ويا.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 29378 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جنهن ۾ 2050 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 33 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن سبب فوتگين جو انگ 7193 ٿي ويو آهي جڏهن ته گڏيل ڪيس 3 لک 61082 تائين پهچي ويا آهن.

ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 1010 مريض ڪورونا وائرس مان صحتياب به ٿيا آهن.

صوبن جي صورتحال:

سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 156528 ٿي ويو آهي جڏهن ته 2751 ڄڻا هن وقت تائين لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.

پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي ڪل مريضن جو انگ 111047 آهي ۽ 2492 ڄڻا وائرس ۾ مبتلا ٿي فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل انگ 16449 ۽ فوتگيون 156 ٿي چڪيون آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 42615 ۽ فوتگيون 1315 ٿي چڪيون آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 5538 ڄڻا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ 126 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.

ان کان سواءِ گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا جي مريضن جو انگ 4461 ۽ 93 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.

پورٽل موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 24444 آهي ۽ هن وقت تائين 260 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.