ڪنڌڪوٽ ۾ آپڪا اڳواڻ جي قتل خلاف ريلي، احتجاج

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ) 4 مھينا اڳ سکر جي آباد ٿاڻي جي حد اخوت نگر سوسائيٽي جي مسجد جي اڳيان آپڪا يونين جي اڳواڻ مراد علي  چاچڙ کي ھٿيار بندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو ھو واقعو ڀتو نه ڏيڻ تي پيش آيو جنھن جو آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو جڏھن ته واقعي ۾ ملوث ٽن جوابدارن حاجي خان ولد شفيع محمد،فيض محمد ولد در محمد ۽ محمد اسحاق ولد فتح محمد کي گرفتار ڪيو ويو جڏھن ته مک جوابدار محمد عمر ولد محمد ابراھيم ۽ سھڻو عرف سھٿو گرفتار نٿي سگھيا آھن جن جي گرفتاري لاءِ مقتول جي وارثن رسول بخش عرف ڪراڙو،غلام قادر،عرض محمد،پنھل، علي نواز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ غلام حسين چاچڙ ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ ڳوٺاڻن احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو ته  مراد علي چاچڙ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وزير اعليٰ ۽ آئي جي سنڌ نوٽيس ورتو ھيو ان جي باوجود به جوابدار آزاد گھمي رھيا آھن . جن کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي ھنن وڌيڪ چيو ته جوابدار اڃا اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن جن جي بااثر ماڻھو سپورٽ ڪري رھيا آھن ھنن اعليٰ عدليا ۽ آئي جي سنڌ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته مٿي ڄاڻايل جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.