جوهي لڳ پڪوڙا وڪرو ڪندڙ ٻارڙي تي تشدد، پيءُ جو احتجاج

جوهي ( ن ع آ  ) جوهي شھر جي رهواسي پورهيت قربان چانڊيو  پنهنجن معصوم ٻارڙن فيروز چانڊيو ,جميل ۽ 8 ساله معصوم  نياڻي عائشيه سان گڏجي جوهي پوليس جي زيادتين ۽ معصوم پٽ تي تشدد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪري جوهي دادو مين روڊ تي بئنچون صندل رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جتي قربان چانڊيو ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو آھي ته منهنجو معصوم پٽ 8 ورهين جو بي روزگاري سبب پيٽ پالڻ لاءِ جوهي ڀان روڊ تي احساس پروگرام آفيس اڳيان پاپڙ. پڪوڙ ا کپائيندو آھي جنهن تي مخالف ڌر جي ماڻھن پاپڙ وڪرو ڪرڻ کان منع ڪيو.   ۽ بعد ۾ معصوم تي تشدد ڪيو جنهن خلاف جوهي ٿاڻي تي تشدد جو ڪيس داخل ڪرائڻ ويس ته وڏي منشي منير چانڊيو  ڪيس داخل ڪرائڻ کان کتو جواب ڏئي ٿاڻي تان ڌڪا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو آهي آخر ۾ ھن آءِ جي سنڌ ،ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته  معصوم ٻار تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ مجبورن مرڻ گهڙي تائين احتجاج ۽ بک هڙتال ڪنداسين .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.