جروار ويجهو پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙي ۾ 12 ڄڻا زخمي

جروار (ن ع آ) جروار ويجھو ڳوٺ شيرمحمد ڪولاچي ۾ خالي پلاٽ جي مالڪي تان ڪولاچي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ لٺيون ڪھاڙيون لڳڻ سبب 12 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آھن زخمي ٿيل ماڻھن کي سول اسپتال ميرپور ماٿيلو علاج لاءِ نيو ويو آھي جڏھن ته زخمين ۾ تاج محمد ، حسين بخش ،صدام ڪولاچي، حبيب الله ، امام بخش ڪولاڇي سميت ٻيا شامل آھن جروار ٿاڻي تي ٻنھي ڌرين پاران اين سي داخل ڪرائي وئي آھن جڏھن ته آخري اطلاع تائين ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.