نئون ڪوٽ ۾ هڪ استاد ٻئي استاد کي چماٽ وهائي ڪڍي

ڪلوئي/ نئون ڪوٽ (نمائندن وٽان ) نئون ڪوٽ ڀرسان گورنمٽ هائي اسڪول گرڙاٻاه ۾اسٽاف روم اندر هڪ استاد ثناءَ  الله  نهڙي ٻئي استاد شوڪت نهڙي کان ستين ڪلاس جي رياضي جي هڪ حساب ۾ڀل ٿيڻ تي جواب صحيح ڪرڻ جو پڇيو ته ماستر شوڪت ٻين ٽيچر سامهون ماستر ثناء الله نهڙي کي زوردار چماٽ واهي ڪڍي ۽ متاثر ماستر کي گٿا لفظ ڳالهائڻ شروع ڪيا .ان سلسلي ۾متاثر استاد ثناء الله نهڙي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته مون اسٽاف روم ۾وڃي سئينئير استاد شوڪت نهڙي کان ستين ڪلاس جي رياضي جو هڪ حساب سمجھ ۾نه اچڻ تي صحيح ڪرڻ جو پڇو ته هن مون کي جواب صحيح ڪري ڏيڻ بجاءِ ٻين ماسترن سامهون زوردار چماٽ واهي ڪڍي ۽گٿا لفظ ڳالهائڻ شروع ڪيا . جنهن تي آئون اسڪول مان نڪري ٻاهر هليو ويس هن چيو ته مون ماستر جي اهڙي عمل خلاف پنهنجي اسڪول جي هيڊ ماستر کي دانهن ڏني جنهن منهنجو ڪوبه تدارڪ نه ڪيو ۽بعد ۾مون ڊي او سيڪنڊري اينڊ هائير سيڪنڊري اسڪول مٺي وزير تعليم سنڌ سميت بالا آفيسرن کي انصاف لاءِ درخواستون به موڪليون آهن مون سان انصاف نه ٿيو ته آئون احتجاجن استعيفا ڏيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.