لاڙڪاڻي ۾ شهرين جي گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي احتجاجي ريلي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي رائيس ڪئنال، آبڙو واھ، گهاڙ واهه جي رهواسي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي مردن ۽ ٻارن سان گڏجي شهر جي لاهوري محلا ريگيوليٽر وٽان احتجاجي ريلي  ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪندي شهر جي وي آءِ پي روڊ ايريگيشن ڪامپليڪس ٻاهريان پهتي جتي رهواسين اڳ موجود ايريگيشن ڪالوني جي رهواسين سان گڏجي امڪاني گهر ڊاهڻ خلاف ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جتي هنن هٿن ۾ ڪارا جهنڊا ۽ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ڌرڻي سبب ايس ايس پي چوڪ کان لاهوري محلا ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور جام ٿي وئي. جڏهن ته آبپاشي کاتي طرفان ڪنهن به امڪاني وڳوڙ کي روڪڻ جي لاءِ حد جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس کي طلب ڪري سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا. ڌرڻي کي خطاب ڪندي گهر بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن محمد قاسم چانڊيو، علي اڪبر تنيو، ڊاڪٽر سليم ميراڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار چانڊيو، محمد مٺل جوڻيجو، لعل جان لاشاري، نعيم ميمڻ، غلام سرور شيخ، اختر حسين لاڙڪ، منٺار ڀٽو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر مان گذرندڙ رائيس ڪئنال، گهاڙ واهه ۽ آبڙو واهه جي ٻنهي ڪپرن سان تقريبن 50 ايڪڙ ايراضي تي اسان جا 10 هزار کان مٿي گهر ٺهيل آهن، جن ۾ تقريبن 2 لک ماڻهو رهن ٿا، جيڪي بجلي ۽ گئس به استعمال ڪندا آهن، اسان گذريل 40 کان 45 سالن کان وٺي هتي رهندڙ آهيون، رائيس ڪئنال جي ٻنهي طرفن کان اڳ به گهر ڊاهي 60 فوٽ ويڪرا روڊ تعمير ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته گهاڙ وارھ ۽ آبڙي واهھ جي ٻنهي ڪپرن کان 40 فوٽ ويڪرا روڊ پڻ تعمير ٿيل آهن ۽ روڊن سان گڏ 6 فوٽ ويڪرا نيڪال جي پاڻي لاءِ ناليون به ٺهيل آهن. هنن وڌيڪ چيو ته شهر جي ايريگيشن ڪالوني ۾ به اسان گذريل 60 سالن کان رهون ٿا پر اسان کي انتظاميه بي گهر ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي، مختلف وقتن تي اسان کي گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس موڪليا پيا وڃن. هنن چيو ته ايريگيشن ڪالوني ۾ ملازمن جا 125 کان وڌيڪ گهر آهن جيڪي اسان پنهنجي پگهارن ۽ محنت جي ڪمائي مان ٺاهي ويٺا آهيون. هنن چيو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن طرفان وڏا وڏا بنگلا ٺاهي سالن کان وٺي رهائش اختيار ڪئي آهي جن جي سامهون ملازمن جا گهر اکين جا ڪنڊا بڻيل آهن ۽ عملدارن طرفان هر ڀيري غلط بياني ڪري سازش تحت اسان جا گهر ڊاهڻ چاهن ٿا جنهن سبب اسان جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو آهي، اسان جون عدالت سڳوري ۾ نظر ثاني لاءِ پڻ درخواستون داخل ڪرايل آهن. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته فيصلي تي نظرثاني ڪري اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت کان پڻ گهر ٿا ڪريون ته سنڌ ڪچي آبادي تحت 1997ع کان اڳ جي رهواسين کي ڪچي آبادي طور تسليم ڪري گهرن جا مالڪاڻا حق ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.