باڊهه ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل سان انصاف نه ٿيڻ خلاف احتجاج

باڊهه (ن ع آ) باڊهه ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل سان انصاف نه ٿيڻ خلاف  پارٽي اڳواڻن فدا حسين تنيو، جي اڳواڻيء ۾ محمود ڀٽو، فتاح ڪولاچي، غلام محمد تنيو، زاهد حسين تنيو، اعجاز ڪانڌڙو، جبار شيخ ۽ ٻين ڪارڪنن باڊهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن ڪامريڊ قادر بروهي، اصغر نوناري، منور نوناري پڻ شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جا جهنڊا کڻي مهانگائي ۽ شهيد مير مرتضيٰ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان وڌندڙ مهانگائي عوام کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري غريب ماڻهو فاقه ڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن.  هنن چيو ته وفاق ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هجي يا سنڌ ۾ زرداري ليگ جي حڪمراني هجي، اهي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن ۽ اسين ٻنهي کي ملڪ جي عوام جو رت چوسيندڙ سمجهون ٿا. اڳواڻن چيو ته حڪمران ملڪ ۾ ادل، انصاف ۽ جمهوريت جون دعوائون پيا ڪن، پر اسان کانئن اهو پڇون ٿا ته هيءَ ڪهڙي جمهوريت آهي، جو 24 سال گذرڻ باوجود شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي بيگناهه خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي. هنن چيو ته اسين پنهنجي قائد ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پڳدار فرزند شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ تائين خاموش نه ويهنداسين. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان گهر ڪئي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.