مٺي ۾ بدفعلي ڪيس ۾ ضمانت درخواست رد، جوابدار عدالت مان فرار

مٺي (رپورٽ:غازي بجير)نينگر بدفعلي ڪيس،مٺي جي عدالت جوابدار جي ضمانت رد ڪري ڇڏي،جوابدار عدالت مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب، خبرموجب:مٺي جي عدالت اسلام ڪوٽ واسي شاگرد ”ڪ“سان بدفعلي  ۽ ڌمڪين جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار بااثر وڏيري سيد ڀورل شاھ جي ڪچي ضمانت رد ڪري ڇڏي،جوابدار عدالت مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو،بااثر وڏيري سيد ڀورل شاھ مٿان ڪجھ ڏينهن اڳ شاگرد ”ڪ“ميگهواڙ سان ڪيترن ئي ڏينهن کان بدفعلي ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪين جو ڪيس اسلام ڪوٽ ٿاڻي تي داخل ٿيو هو،شاگرد جي والد روپچند ميگهواڙ جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار عدالت مان ڪچي ضمانت حاصل ڪئي هئي،ايڊيشنل سيشن جج نصير نورخان جي عدالت جوابدار وڏيري جي ڪچي ضمانت وڌيڪ منظور نہ ڪندي ضمانت رد ڪري ڇڏي،جوابدار ڪچي ضمانت ۾ واڌارو نہ ڪرڻ ۽ پڪي ضمانت نہ ملڻ کانپوءِ امڪاني گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت مان فرار ٿي ويو،جوابدار بااثر ۽ سياسي اڳواڻن جو حمايت يافتہ هجڻ ڪري مقامي پوليس کي عدالت مان هٿ سان فرار ڪرائڻ جو ڪردار ادا ڪيو،متاثر نينگر جي پيءُ روپچند ميگهواڙ موجب تہ جوابدار راڄوڻي لاءِ ڌٻاءُ وجهي رهيو آهي،اسان ڪوبہ ٺاھ ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون،اسان جو ڪيس عدالت سڳوري ۾ هلندڙ آهي، عدالت مان انصاف جي اُميد آهي،جوابدار جي ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس کيس گرفتار نہ ڪيو،پوليس جي سُستي سبب هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن مان ثابت ٿئي ٿو تہ پوليس جوابدار ڌُر سان مليل آهي،ڪيس کي مسلسل هاءِ لائيٽ ڪندڙ پ پ ليڊيز ونگ جي ضلعي اڳواڻ سُمترامنجياڻي چيو آهي تہ نينگر سان بدفعلي ڪندڙ وڏيري سيد ڀورل شاھ متاثر ڌُر وٽ گهر وڃي ڏوھ جو اعتراف ڪيو آهي،ڏوھ تسليم ڪرڻ بعد راڄوڻي لاءِ ڌٻاءُ وڌو پيو وڃي. ،نينگر جا وارث ڪابہ راڄوڻي ڪرڻ نہ ٿا چاهين،معاملي جو چيف جسٽس سنڌ نوٽيس ورتو آهي،ڪيس عدالت سڳوري ۾ هلندڙ آهي،اسان کي عدالتن مان انصاف جي اُميد آهي،اڄ جوابدار جي ڪورٽ سڳوري ضمانت رد ڪئي آهي ۽ هُو فرار ٿي ويو،هن مان ظاهر آهي پوليس جوابدار جي مڪمل سپورٽ ڪري رهي آهي،مون هڪ ڏينهن اڳ ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ کي چيو هو پوليس عدالت ٻاهران مقرر هجڻ گهرجي،پر ايس ايڇ او اسان سان واعدو ڪري پاڻ نہ آيو،پوليس خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي،

تر جا پٽيل ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ سرگرم

مٺي:متاثر ڌُر سان راڄوڻي لاءِ مختلف ڌُريون سرگرم ٿي ويون،مليل رپورٽن موجب تہ گذريل رات ڪجھ معززين جوابدار سيد ڀورل شاھ  کي گڏ وٺي متاثر ڌُر جي تڏي تي لنگهي ويا ۽ ميڙمنٿ پڻ ڪئي،پر نينگر جي والدين پاران ڪيس عدالت ۾ هلندڙ هجڻ سبب فلحال ٺاھ ڪرڻ کان انڪار ڪيو،اُنهي سلسلي ۾ سابق ناظم گهنشام داس پارواڻي عوامي آواز جي رابطي تي تصديق ڪندي چيو تہ اسان ٻنهي ڌُرين کي پاڻ ۾ راڄوڻي طريقي ٺاھ ڪرائڻ لاءِ اُنهن جي تڏي تي ضرور ويا هئاسين،نينگر جي پيءُ روپچند ميگهواڙ اسان کي سُٺي موٽ ڏني ۽ چيائين آئون صلاح بعد ڪو فيصلو ڪندس،اسان جي ڪوشش آهي تہ ٻئي ڌُريون پاڻ ۾ ٺهي وڃن،

اسلام ڪوٽ پوليس غير سنجيده، ايس ايڇ او عدالت به نه ويو

مٺي:ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ عدالت نه ويو،ڪيس بابت جوابدار ڌُر پاران عدالت ۾ پيشي بعد امڪاني گرفتاري لاءِ پوليس ڪيس  کي سنجيده نه ورتو،ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ قربان راڄڙ موڪل جو سبب ڄاڻائي پنهنجي حد به ڇڏي ويو. ٻي پاسي ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ قربان راڄڙ رابطي تي ٻُڌايو تہ آئون موڪل تي آهيان،جوابدار پهرين عدالت ۾ موجود هو،بعد ۾ نڪري ويو،اسين هر حالت ۾ گرفتار ڪنداسين،ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتاري جي لاءِڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.