سجاول جوڻيجي روڊ تي وين مان ڪري نينگر فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سجاول جوڻيجو روڊ تي هلندڙ تيز رفتار وين مان ڪرِي تعلقي سجاول جوڻيجو جي ڳوٺ لال بخش بروھي واسي 9  سالن جو نينگر وحيد علي پٽ الطاف حسين بروھي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي علاج دوران نينگر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.  ان موقعي تي فوتي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نينگر وين جي پويان چڙهي پيو جتي هو سجاول جوڻيجو روڊ تي وين مان ڪِري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو جتي هو فوت ٿي ويو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.