لاڙڪاڻي پوليس جون ڪارروايون، 9 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، هٿيار، منشيات هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائيون ڪندي 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار، منشيات، ڪار، موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه ڪيٽي ممتاز پوليس اشتهاري ۽ گهربل ٻن جوابدارن  سليم ۽ ضمير ميربحر کي بندوق ۽ ڪارتوسن سميت، الهه آباد پوليس گشت دوران عيسائي قبرستان تان جوابدار ظهير عباس لغاري کي پسٽل ۽ گولين سميت، رحمت پور پوليس گشت دوران پير مراد شاهه قبرستان تان ڌاڙي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار طارق حسين کي پاءُ چرس سميت، نئون ديرو پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي 5 جوارين عامر، عاشق، صدرالدين، اوشاق ۽ حسن شر کي روڪ رقم سميت گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.