ميان صاحب لڳ چنگچي رڪشا سان حادثي ۾ 5 ڄڻا زخمي

ميان صاحب ( ن ع آ  ) گذريل ڏينهن ميان صاحب ڀرسان  همايون جي ريلوي ڦاٽڪ سان رڪشا جو بريڪ فيل ٿيڻ سبب زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن سبب رڪشا کي نقصان پهتو جڏهن تہ رڪشا ۾ سوار 5  ماڻهو معمولي زخمي ٿيا ريلوي ملازم موجب شڪارپور کان جيڪب آباد سکر ايڪسپريس ٽرين جي وڃڻ سبب ڦاٽڪ بند ڪيو هو تہ اوچتو هڪ رڪشا بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڦاٽڪ سان ٽڪرائجي ويو جنهن سان رڪشا کي هلڪو نقصان ٿيو آهي ۽ 5 ماڻهو معمولي زخمي ٿيا جيڪي بعد ۾ پنهنجي منزل طرف روانا ٿي ويا .

راضيديرو لڳ موٽر سائيڪل سلپ، عورت ۽ ٻارڙي سميت 3 زخمي

راضيديرو (ن ع آ ) راضيديرو باءِ پاس اسٽاپ تي لاڙڪاڻي طرف کان ايندڙ موٽرسائيڪل سوار سان حادثو پيش اچي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار الهواريو ٻرڙو، سندس سان ساڻ هڪ عورت ، هڪ  نياڻي ۽ ٻه معصوم ٻارڙا زخمي ٿي پيا. جڏھن ته گاڏي جي انتظار ۾ بيٺل مشتاق ملڪ کي پڻ ان موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب سندس ڄنگهه ڀڄي پئي، جڏھن ته شهرين پاران سڀني زخمين کي ايمبولينس ذريعي گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

جيڪب آباد ۾ ويگن جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 نوجوان زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جيڪب آباد ضلعي جي مولا داد ٿاڻي جي حد قادر پور لنڪ روڊ تي تيز رفتار ويگن جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار جيڪب آباد ڀرسان ڳوٺ شيران پور واسي ٻه نوجوان  بلاول ڊومڪي ۽ فدا حسين ڊومڪي سخت زخمي ٿي پيا جن کي علائقي واسين چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمين ٻڌايو ته اسين ڪم سانگهي ڳوٺ کان جيڪب آباد وڃي رهيا هئاسين ته قادرپور لنڪ روڊ تي تيز رفتار ويگن جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ اسين زخمي ٿيا آهيون.

جوهي لڳ ٻن موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، ٻه  ڄڻا زخمي

جوهي ( ن ع آ  ) جوهي ڦلجي روڊ تي ٻن  موٽر سائيڪل جي آمهون سائهون ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان  شھباز  ولد  پريل کوسو ۽ شاهد ولد حاڪم علي  لغاري زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال جوهي ۾ پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد شھباز کوسو  کي سيريس حالت ۾  سيوهڻ اسپتال رفر ڪيو ويو آھي.

پکي لڳ پنجاب واسين جي ڪار ڪلٽيون کائي وئي، سوار محفوظ رهيا

پکو ( ن ع آ )  پکو واسين سان پنجاب ۾ روڊ حادثو پيش آيو آھي جنھن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو , ان ڏس ۾ ڳوٺ ديدڙ واسين جي ڪار پنجاب جي شھر لاھور واري ناراوال  علائقي ۾ موٽر وي تي تيز رفتاري سبب ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽيون کائي کاھي ۾ ڪري پئي جنھن تي شھرين ترت حادثي واري ھنڌ پھچي ڪار ۾ ڦاٿل سب انجنيئر نيڪ محمد ديدڙ ۽ عمران علي ديدڙ کي ٻاھر ڪڍيو جيڪي حادثي ۾ محفوظ رھيا جڏھن ته ڪار جو اڳيون حصو سخت متاثر ٿيو ۽ شيشا چڪناچور ٿي ويا , ٻئي طرف ڪلٽي ٿيل ڪار کي ڪرين ذريعي سڌو ڪيو ويو ۽ حادثي جو شڪار مسافر منزل طرف روانا ٿي ويا .

خيرپور عدالت ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي، ڊاڪٽر نه آيو، ٻڌڻي ملتوي

خيرپور (ڊر) سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج فيض محمد ڀٽي جي عدالت ۾ ٻٻرلوءِ ۾ 12 سيپٽمبر 2016 تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾  مارجي ويل گلشن ولد اڱڻ مستوئي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري. جنهن دوران مقتول گلشن مستوئي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر فيض محمد پيش نه ٿي سگهيو جنهن ڪري عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي ڳاڙهي موري جي ڊاڪٽر فيض محمد کي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر کي ليٽر جاري ڪندي ڊاڪٽر کي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.