روهڙي ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان پورهيت نوجوان مارجي ويو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سکر ويجهو روهڙي شهر ڀرسان ڳوٺ لشڪر خان جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو جتي ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب 5 ٻارن جو پيءُ 30 ورهين  جو سرهو تڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته جهيڙي ۾ دلدار ۽ محبوب جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيا لاش ۽ زخمين کي کي وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي آندو جتي ڊاڪٽرن پاران زخمين کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي تي مقتول جي ڀاءُ مورل جاگيراڻي ٻڌايو ته اسان جي مائٽن شبير جاگيراڻي، ڪامو جاگيراڻي، فرحان جاگيراڻي، شعيب جاگيراڻي ۽ ٻين ٻارن جي معمولي ڳالھ تان گذريل ڏينهن جهيڙو ڪيو اڄ انهن ٻيهر ڪهاڙين ۽ لٺين سان حملو ڪري منهنجي ٻن ڀائرن سرهو، دلدار ۽ ڀاڻيجو محبوب جاگيراڻي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو . جنهن جو اطلاع حد جي دبر ٿاڻي ڏنو جتي مٿين جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي ميڊيڪل ليٽر ڏنو جنهن کي کڻائي اسپتال پهچايو جتي اسان جو ڀاءُ سرهو جاگيراڻي جيجل 5 ٻارن جو پيءُ هو جيڪو فوت ٿي ويو آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن فوتي سرهو جاگيراڻي جو ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جتان وارث ايمبولينس ذريعي لاش کڻائي ڳوٺ روانو ٿي ويا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.