لاڙڪاڻي ۾ نوجوان ڀت مٿان ڪرڻ سبب دٻجي فوت، 2 زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ اوچتي ڀت ڌماڪي سان ڪِري پئي، نوجوان فوت نينگر سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال داخل  ڪرايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه شام ڌاري لاڙڪاڻي شهر جي حيدري پاڙي جي رهواسي نويد سانگي جي گهر جي ڀت اوچتي ڌماڪي سان ڪري پئي نتيجي ۾ ڀت هيٺيان دٻجي 7 سالن جو نينگر زين پٽ رشيد چانڊيو، 17 سالن جو نوجوان سراج پٽ نظير چانڊيو ۽ 18 سالن جو نوجوان عارف پٽ نعيم عباسي دٻجي سخت زخمي ٿيا.  جن کي پاڙي وارن ڪڍي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. جتي علاج دوران نوجوان عارف زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي نوجوان سراج ٻڌايو ته اسين پاڙي جي گهٽيءَ ۾ معمول موجب بيٺا هئا ته اوچتي پاڙيسري نويد سانگي جي گهر جي ڀت ڪِري پئي جنهن جي هيٺيان دٻجي اسان زخمي ٿي پياسين جنهن تي پاڙيوارن پهچي اسان کي ڪڍي اسپتال داخل ڪرايو جتي عارف زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي. هوڏانهن فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين زخمين جو علاج پڻ اسپتال ۾ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.