بلڙي شاهه ڪريم ويجهو پورهيت جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

بلڙي شاهه ڪريم (ن ع آ) سومر جي شام بلڙي شاھ ڪريم تعلقي جي يونين ڪائونسل ملاڪاتيار جي ڳوٺ جمال شورو ۾  چوپايو مال چاريندڙ 17 سالا لڇمڻ ولد چمن ميگهواڙ جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو جيڪو ملاڪاتيار پوليس  سان گڏ سندس والد ۽ وارث کڻائي رورل هيلٿ سينٽر بلڙي شاھ ڪريم پهتا جتي ڊاڪٽر منيش فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪيو سندس موجب ته نوجوان جو ڦاهي کائڻ سبب موت ٿيو آهي.  ڳچيءَ تي سوڄ ۽ رسي جو نشان هو باقي جسم تي ڌڪ تشدد جو نشان نه هو، فوتيءَ جي والد موجب ته ڇوڪرو پنهنجو چوپايو مال پهرائي چاريندو هو اڄ پڻ مال چاريندي ئي هي واقعو پيش آيو آهي اسان پٽ جو وڻ مان ٽنگيل لاش لاهي کڻي هتي اسپتال پهتا آهيون، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي ملاڪاتيار کڻائي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.