ڪوٽ بنگلو لڳ ٿنڀي تي چڙهي زخمي ٿيل پيرسن فوت

ڪوٽڏيجي ( ن ع آ ) ڪوٽڏيجي ۾ گذريل ڏينهن ٿنڀي تي چڙهي ويل پيرسن زخمين جا سور نه سھندي اسپتال ۾ فوت گهر ۾ ڪهرام  خبر موجب ڪوٽبنگلو سوراهه چوڪ واري علائقي ۾ ذهني توازن درست نه هجڻ ڪري پيرسن نبن پريو پاران خودڪشي ڪرڻ جي ارادي سان هلندڙ بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي وڃڻ دوران 11 هزار وولٽيج جي ڊبل سپلائي جي تارن ۾ وچڙڻ ڪري سڄي جسم کي باھ لڳي وئي هئي باھ م 80 سيڪڙو جسم سڙي وڃڻ سبب نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو هو، جيڪو گذريل رات دير سان 80 سيڪڙو جسم سڙي وڃڻ ڪري زخمي پيرسن نبن پريو زخمين جا سور نه سھندي گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، فوتي پيرسن جو مڙهه اسپتال مان ايمبولينس ذريعي گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.