سجاول لڳ سوزوڪي سان حادثو، 16 ماڻهو زخمي

سجاول ( ڊ ر ) سجاول ويجهو بدين روڊ تي تيز رفتار سوزوڪي ڪلٽي، عورتن مردن ۽ ٻارڙن سميت  16 ڄڻا زخمي ٿي پيا، خبر  موجب سجاول لڳ بدين روڊ تي رفتار سوزڪي پڪ اپ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ ڪري ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ سوزڪي ۾ سوار عورتن مردن ۽ معصوم ٻارڙن سميت 16 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تعلقا اسپتال سجاول آندو ويو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي جڏهن ته ٻن زخمين کي نازڪ حالت هجڻ ڪري کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اماڻيو ويو آهي، زخمين ۾  محمد اسلم مگسي زڪريا بلوچ مسمات ثمرين مسمات نسيمه مسمات فاطمه مسمات راشده ۽ ٻيا شامل آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.