ڀٽ شاهه ڀرسان ڪوچ اونڌي، ٻارن سوڌو 15 ڄڻا زخمي

ڀٽ شاهه (ن ع آ) ڀٽ شاھ ٿاڻي جي حد ۾ جاڙاواٽر ڀرسان ميرعلي اڪبر ٽالپر جي ڪوٽ وٽ ڪراچي کان پشاور  ويندڙ جده ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچ نمبرEA3980اوورٽيڪ ڪندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي آھي جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار ٻارڙن ۽عورتن سميت 15 جي لڳ ڀڳ مسافر زخمي ٿي پيا آھن زخمي ٿيندڙن ۾ عظما بيبي۔مختاران بيبي۔طفيل۔طالب خان۔قابلو۔شڪيلا۔تسنيما۔مخمل ۽ ٻيا شامل آهن ڀٽ شاه پوليس ۽ موٽروي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي رستو ڪليئر ڪرايو ۽ زخمي ٿيندڙن کي ڀٽ شاه رورل هيلٿ سينٽر پهچايو جتي زخمين جو اعلاج هلندڙ آھي جڏنهن تہ شديد زخمي ٿيندڙ چار عورتن قابلو۔شڪيلا۔تسنيما۔مخمل کي حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي مسافرن جو چوڻ ھو تہ ڪوچ ڊرائيور سائيڊ وٺڻ لاء اور ٽيڪ ڪيو تہ تيز رفتاري سبب گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ويئي ۽ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي ڪري حادثو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.