سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ بند ڪئي وڃي:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (پ ر)  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ جي گئس تي پھريون حق سنڌ جو آھي۔ گئس جي  لوڊشيڊنگ ۽ پريشر گھٽ ھجڻ جو آزار ختم ڪيو وڃي۔ جن علائقن مان گئس نڪري ٿي انھن علائقن کي مفت گئس جي سھولت ڏني وڃي مقامي ماڻهن کي روزگار  ۽ غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏنيون وڃن اياز لطيف پليجي چيو ته  71 سيڪڙو گئس پيدا ڪندڙ سنڌ جا ڳوٺ گئس جي بنيادي سھولت کان محروم آھن۔ شھرن ۾ لوڊشيڊنگ ۽ گھٽ پريشر جو آزار آھي۔ . ھر حڪومت سنڌ جي وسيلن کي مالي غنيمت سمجهي لٽي رھي آھي اياز لطيف پليجي چيو تہ او جي ڊي سي ايل ۾ باھر جا ماڻھو ڀرتي ڪيا پيا وڃن۔ مالھي پيش امام لاء بہ ٻين صوبن کان ماڻھو آندا وڃن ٿا۔ اھو استحصال بند ڪيو وڃي۔ او جي ڊي سي ايل ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار ڏنو وڃي۔ گئس ۽ تيل ڏيندڙ علائقن ۾ مفت گئس فراھم ڪئي وڃي۔ ملندڙ رائلٽي مان مقامي علائقن کي پاڻي، تعليم، صحت ۽ ٻيون بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن۔اياز لطيف پليجي چيو تہ  مھانگائي ماڻھن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. غريب کان غريب ٿي رھيو آھي ۽ امير اڳ کان امير ٿي رھيو آھي معاشي پاليسيون مزدور ۽ ھاري دشمن آھن زراعت جي تباھي سنڌ کي غربت جي گھاڻي ۾ وجھي ڇڏيو آھي. مٿان وفاق ۽ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جي ملي ڀڳت سان سنڌ جي وحدت تي حملا ڪيا پيا وڃن. جنھن جي خلاف ڪير بہ خاموش ٿي نہ ويھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.