ميهڙ پوليس پاران ڦر ٿيل 3موٽر سائيڪلون ۽ روڪ رقم وارثن حوالي

ميھڙ ( ن ع آ )ايس ايڇ او ميهڙ رسول بخش پنھور ۽ وڏي منشي ميھڙ ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪري ڪجھه ڏينھن اڳ ڦر ٿيل 3 موٽرسائيڪلون مالڪن جي حوالي ڪري ڇڏيون ۽ کير جي واپاري يوسف قمبراڻي کان ڦر ٿيل روڪ رقم 95 ھزار واپس  ڪري ڇڏيا جڏهن ته ان موقعي تي ابراهيم ڪالوني مان انور کوسو جو چوري ٿيل سونو ٽڪو به رڪور ڪري شو ڪيو ويو، جڏهن ته ان موقعي تي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي کي وارثن پاران نوٽن ۽ گلن جا هار پارايا ويا،

مسوڀرڳڙي ويجهو اهلڪار کان موٽرسائيڪل ڦر، جوابدار سوگهو

مسوڀرڳڙي (ن ع آ)مسوڀرڳڙي لڳ ڇلڳري ٿاڻي ويجهو ڏينهن ڏٺي پوليس اهلڪارمحمد علي وسيرکان ٻارچ موري وٽ ٽن جوابدارن هٿيارن سميت ون ٽوفاء موٽرسائيڪل ڦر ڪئي  ته پوليس اهلڪار محمدعلي وسير مزاحمت ڪرڻ ته هڪ جوابدار  کي سوگهوڪري ورتوآھي جڏھن ته ٻه جوابدار موٽرسائيڪل ڪاهي  ڀڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنهن کان پوءِ واقعي واري هنڌڪيترائي ڳوٺاڻاگڏٿي ويا پڪڙيل جوابدار کي ڇلڳري پوليس حوالي ڪيوويو پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.