بخشاپور لڳ چورن ۽ ڀاڳين ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي، چور سوگهو، احتجاج

بخشاپور ( ن ع آ ) بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاھو جکراڻي ۾ نامعلوم چور گھر ڌڻي طفيل احمد جکراڻي جي گھر مان ڍور ڪاھڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا ته ڀاڳيا جاڳي پيا ڀاڳين جي مزاحمت تي چورن ھوائي  فائرنگ شروع ڪري ڏني مزاحمت دوران گھر ڌڻي طفيل احمد جي پٽ لياقت جکراڻي سميت 2 ڀاڳيا زخمي ٿي پيا جڏهن ته چورن جي فائرنگ ۾ سندن ئي پنهنجا 2 ساٿي الله داد عرف راڪيٽ بنگوار سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پياڀاڳين ھڪ چور راڪيٽ بنگوار کي ھٿيار سميت پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اطلاع تي بخشاپور پوليس ڳوٺ شاھو جکراڻي پھچي پوري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙھي سرچ آپريشن ڪيو جنهن ۾ پوليس جوابدارن جي ڳولا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي واپس موٽي آئي جڏهن ته پوليس پاران گھرڌڻي طفيل احمد جکراڻي کان فرياد وٺڻ کان کتو جواب ڏيڻ خلاف ڳوٺاڻن ٿاڻي جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو  هنن چيو ته علائقي ۾ چورين جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو ۽ اھا رات خالي ڪونه آهي جنهن رات ڳوٺ ۾ چوري جي واردات نه ٿي چورن پوري ڳوٺ ۾ رڻ ٻاري ڏنو آهي جنهن ڪري ڳوٺ وارا رات جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن.  ھنن چيو ته چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪري ھڪ چور کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي پر پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏنو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.