ڪشمور لڳ ڳوٺاڻي جون 3 ڀلوڙ مينهون چوري، پوليس ٻوٽو نه ٻاريو

ڪشمور(ن ع آ )ڪشمور ٿاڻي تي مقرر نئين ايس ايڇ او حبيب الله مھر به ٻوٽو نه ٻاريو ڳوٺاڻي جون 3 مينھون چوري ٿي ويون امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن  خراب ٿيڻ لڳي ڪشمور ويجھو نائچ ڳوٺ ۾ ڳوٺاڻي خداداد نائچ جون 3 ڀلوڙ مينهون نامعلوم چور ھٿيارن جي زور تي ڪاھي فرار ٿي ويا ڪشمور پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ڳوٺاڻي دانھيندي چيو ته ٽي ڀلوڙ مينهون ھٿيارن جي زور تي زور سان کسي ويا ڪشمور پوليس کي بروقت اطلاع ڏني پر پوليس وقت تي نه پھچڻ سبب 4 لک 50 ھزار جي ماليت جون مينهون چوري ٿي ويون آهن متاثر ڳوٺاڻي ايس ايس پي امجد شيخ کان مطالبو ڪندي چيو ته مينهون چوري ڪندڙ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري مينهون ريڪور ڪرايون وڃن.

گهوڙاٻاري لڳ ڳوٺاڻي کان اڍائي لک روڪ، بندوق ۽ ٻيو سامان ڦر

گھوڙا ٻاري (ن ع آ ) گھوڙاٻاري  پوليس جي حد ۾ ڪالھ آچر جي ڏينهن، ڏينهن ڏٺي ڳوٺ ارباب احمد سومرو جو رھواسي حاجي ارباب  سومرو، ويجھن ذريعن موجب ٻڌايو پيو وڃي ته اوٺا موري کان سارين جي وڪرو جا پئسا ٻه لک پنجاھ ھزرا کڻي پنهنجي زمين واري اوطاق تي پھتو ته ڪجھ دير بعد پويان 6 ھٿيار بند ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار چار نقاب پوش ۽ ٻن جا منھن کليل سندس ئي زمين واري اوطاق تي پھچي مٿس حملو ڪري سخت تشدد ڪرڻ بعد  وٽانس 250000 ھزار روڪ رقم ، ھڪ عدد لائسنس جي بندوق، ۽ زمين جا ڪاغذات ڦر ڪري ڦرار ٿي ويا جڏهن ته پوليس گھوڙا ٻاري طرفان ڪابه گرفتاري سامھون ناهي آئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.