غوثپور لڳ 2 چوري واقعا، متاثرن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، باهيون

غوثپور (رپورٽ:عبدالغفار اوڳاھي) جمال پوليس پڪٽ جي حد ڳوٺ عبدالرحيم ننداڻي ۾نامعلوم چورن پاران جان محمد نندواڻي جو ٽريڪٽر چوري ڪري فرار ٿي ويا. ڳوٺاڻن پاران حد جي پوليس کي بروقت  اطلاع ڪيو. اطلاع باوجود حد جي پوليس 4 ڪلاڪ ديرسان پھتي. ڳوٺاڻن پاران ڳوٺ مير واحد بخش خان بجاراڻي وٽ انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن جان محمد، غلام حسين نندواڻي جي اڳواڻي ۾جمال پوليس خلاف سخت نعريبازي ٽائرن کي باھ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻوھنيو. انڊس هاءِ وي بلاڪ ٿيڻ سبب سنڌ، پنجاب، بلوچستان سميت 3صوبن جي ٽريفڪ بھجي وئي. گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. مسافرن کي ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. ڳوٺاڻن جو ٽريڪٽر جي برآمد ٿيڻ جو مطالبو.  . مظاھرين وٽ ايس ايڇ او غوثپور پھچي ٽريڪٽر واپس ڪرائي ڏيڻ جي خاطري ڪرائڻ کان پوءِ انڊس هاءِ وي کولرايو ويو. ڳوٺاڻن پاران ٽريڪٽر جو پيرو ڳڙهي تيغو کڻي وڃي رهيا هئا ته ڳڙهي تيغو طرف کان ھٿيار بندن فائرنگ ڪري ڳوٺاڻن کي واپس موٽائي ڇڏيو. جمال پوليس پڪٽ جي حد ۾ امن امان جي صورتحال تي ضابطو نه اچي سگهيو ھر روز جو چوريون معمول بڻيل آهن.  ڳوٺ مير واحد بخش خان بجاراڻي مان نامعلوم چورن حاجن لاشاري جون 3مينھون چوري ڪري ڪاهي ويا. چوپائي مال جو پيرو ڳڙهي تيغو طرف ويو. ڳوٺاڻن توڙي علائقي واسين جو آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان امن امان ڪرائڻ ۽ ايس ايڇ او کي بدلي ڪري ٻيو ڪو نئون ايماندار ايس ايڇ او تائنات ڪري ٽريڪٽر ۽مينھون جلد واپس ڪرائڻ جو مطالبو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.