ڌيءَ بازياب ڪرائي ڏيو، خيرپور جي عدالت ۾ درخواست

خيرپور (ڊر ) ڌيءَ بازياب ڪرائي ڏيو، ڪنگري واسڻ جي سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾ درخواست داخل، ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي  سرچ وارنٽ جاري، ناحق باندڻ کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم. تفصيل مطابق ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مقبول احمد ميمڻ جي عدالت تعلقي ڪنگري جي علائقي ڳوٺ نازل کورکاڻي جي رهواسڻ مسمات سرداران خاصخيلي جي طرفان داخل ڪرائيل درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي شاهه حسين، وڏا ماڇيون ۽ بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز کي سرچ وارنٽ اماڻي حڪم ڏنو آهي ته ڳوٺ سنهڙو رند جي رهواسي شاهه ڏنو رند، ڳوٺ بهار ميتلو جي رهواسي اعجاز علي عرف سڪندر جماڻي ۽ ڳوٺ منگهنواري جي رهواسي نواب ۽ گلبهار جاگيراڻي وٽ ناحق باندي بڻايل ويهه سالا نوجوان ناري پرويزان خاصخيلي کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.