خانڳڙهه ۾ پسند پرڻي تان نوجوان جون معصوم ڀاڻيجيون سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جي فتويٰ

ڏهرڪي (رپورٽ: اسد لغاري) خانڳڙهه واري علائقي ڳوٺ علي مهر  ۾ هڪ سال اڳ وڏيري غلام محمد مهر جي ڏوهٽي ناري ستارا مهر، نوجوان شڪور مهر سان پسند جو پرڻو ڪيو جنهن بعد شڪور مهر جا گهر  ڊاهي ڪڻڪ کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو هيو جنهن کان پوءِ ستارا ۽ شڪور مهر گهوٽڪي جي عدالت ۾ پهتا جنهن بعد شڪور ۽ ستارا مهر ڳوٺ ڇڏي اڻڄاتل هنڌ هليا ويا، جيڪي هن وقت تائين ڳوٺ واپس ناهن وريا، شڪور مهر جي والد غلام سرور مهر ۽ ڀاءُ غفور مهر عوامي آواز جي آفيس پهچي لڙڪ لاڙيندي چيو ته اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي، پسند جي پرڻي وقت ته اسان جا گهر ڊاهيا ويا هاڻي وڏيرو غلام محمد مهر  اسان کي اچي پنهنجو فرمان جاري ڪري ويو آھي ته شڪور مهر جون ٻه معصوم  ڀاڻيجيون اقصي ۽ اقرا سڱ چٽي ۾ ڏيو، هنن چيو ته اسان اهڙو فرمان مڃڻ کان انڪار ڪيو ته وڏيرو غلام محمد مهر ۽ ابوبڪر مهر وارا اسان تي ڏمرجي پيا ۽ اسان جي  گهر کي به باهه ڏيئي ساڙيو ويو آھي. ،اسان جي 28 ايڪڙ زمين تي به قبضو ڪيو ويو آھي اسان گهرن تائين محدود ٿي ويا آهيون اسان جو وڏيرن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو ،پٽ شڪور مهر ۽ ستارا مهر قتل جي خوف کان هڪ سال کان وٺي گهران دربدر آھن جيڪي اڃان تائين گهر واپس ناهن وريا ،پر اسان جي زندگي وڏيرن زهر ڪري ڇڏي آھي ،پوليس به اسان جي هڪ نه ٿي ٻڌي ڇو ته اسان غريب آھيون ،پوليس به بااثرن سان مليل آھي ،هنن مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ،ستارا ۽ شڪور جون زندگيون به خطري ۾ آھن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.