نئون ڳوٺ لڳ صحافي تي تشدد وارو مامرو، ايس ايڇ او ميڙ وٺي پهتو

راڌڻ / نئون ڳوٺ ( نمائندن وٽان  )راڌڻ ڀرسان سنڌ جي مشھور درگاھ سئيدي موساڻي  نئون ڳوٺ۾ ڪجهھ ميھنا آڳ پريس  ڪلب جي صدر خورشيد لاکير مٿان رپورٽنگ دوران تشدد ڪندڙ نئون ڳوٺ جو اڳوڻو ۽ سيتا ٿاڻي جو موجوده ايس ايڇ او بھرام خان پنھور دوستن سان گڏجي منٿ ميڙ قافلي سان پريس ڪلب نئون ڳوٺ پھچي خورشيد لاکير کان ھٿ ٻڌي ڪري معافي گھري ورتي صحافين پريس ڪلب نئون ڳوٺ  تي ھلي آيل ميڙ کي  اچڻ تي کيس معاف ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ميھڙ تعلقي جي پريس ڪلبن راڌڻ پريس ڪلب جي صدر مظفر ڳورڙ ۽ سرپرست اعليٰ سائين ذوالفقار جوڻيجو نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جو صدر عبدالرحمن قمبراڻي ۽ صابر ڪولاچي پريس ڪلب ٿرڙي محبت جو صدر عباد منگي ۽جنرل سيڪريٽري  اخلاق چانڊيو ‘نئون ڳوٺ جا صحافي پرويز لاکير ممتاز پيرزادو معشوق سولنگي شمن علي ساھڙ مختيار علي لاکير ۽ بخشل سولنگي موجود ھيا ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.