سکر ۾ حددخلين خلاف آپريشن، سئو کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ، ڌرڻو

سکر(رپورٽ: اظهر علي دايو)آبپاشي کاتي سکر پاران سکر جي بيراج ڪالوني ۾ حڊدخلين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ايريگيشن کاتي جي انتظاميه پوليس جي مدد سان 100 کان وڌيڪ بيراج ڪالوني ۾  قائم گهر، دڪانون ۽ حددخليون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، هوڏانهن جميعت علماءِ اسلام سکر پاران ايريگيشن ۽ سکر ضلعي انتظاميه پاران حددخليون ڄاڻائي ماڻهن جا گهر ڊاهڻ ۽ قديمي مسجد کي شهيد ڪرڻ خلاف مولانا محمد صالح انڍڙ، مفتي سعود افضل هاليجوي، عبدالحميد مهر، عبدالڪريم جوڻيجو، حافظ محمد ڪنڌر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪمشنر آفيس سکر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، مظاهرين کي هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کنيل هئا جن تي انتظاميه خلاف نعره درج ٿيل هئا، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سکر ضلعي انتظاميه ۽ ايريگيشن انتظاميه بيراج ڪالوني واري علائقي ۾ حددخليون ڄاڻائي ڪيترن ئي غريبن جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، بيراج ڪالوني واري علائقي ۾ 100 سال قديمي محمدي مسجد کي پڻ حددخليون ڄاڻائي ڊاهي شهيد ڪيو ويو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا انتظاميه آپريشن جي نالي تي غريبن جا گهر ڊاهي رهي آهي، رڳو ٻن ڏينهن جو نوٽيس ڏئي بيراج ڪالوني جي رهواسين کي گهر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، هنن وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته مسجد کي شهيد ڪندڙ ۽ گهر ڊاهيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.