جهمپير لڳ ڳوٺاڻي تي حملو ڪندڙ 2 ڄڻا سوگها

جهمپير ( ن ع آ)  ڍنڍ ڪناري گھنڊڙي مياڻ جي ڳوٺ حاميد منڇري جي رھواسي مير محمد منڇري تي ڳوٺ کان شھر ويندي چئن ڄڻن  مٿس حملو ڪري کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،  رستي تان لنگهندڙ ڳوٺ واسين کيس بچائي ورتو، جنھن بعد حملي آور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ڳوٺاڻن ۽ جهمپير پوليس  حملي آورن جو پيڇو ڪندي ٻن حملي آورن جوابدرن لال محمد منڇري ۽ قمرالدين منڇري کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي  بوبڪ سيوھڻ ضلعي دادو جا رھواسي ٻڌايا پيا وڃن. حملي جو ڪارڻ پراڻو سڱاوتي تڪرار ٻڌايو پيو وڃي، ھوڏانھن جھمپير ٿاڻي تي ميرمحمد منڇري جي فرياد تي بوبڪ سيوھڻ ضلعي دادو جي چئن حملي آور جوابدارن لال محمد منڇري، سندس ڀاء قمرالدين منڇري، سڪندر ۽ محمد عثمان منڇري خلاف مٿن 324 /506/2۔341۔34 ۔337h 3 ppc قاتلاڻي حملي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.