ڊکڻ لڳ پوليس چڙهائي، 4 ڄڻا گرفتار، 13 ڍور ڍڪ حوالي، احتجاج

ڊکڻ( ن ع آ ) ڊکڻ لڳ ڳوٺ شاھ علي لولائي تي لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن  جي ايس ايڇ او رتوديرو  جي اڳواڻي ۾  چڙهائي ڪئي، جتي پوليس گهرن ۾  گهڙي گهر  گهر تلاشي ورتي  آهي ،جنهن دوران پوليس ڳوٺ مان 4 ڄڻن  ستار، اقبال، منير، بهادر لولائي کي گرفتار ڪري کڻي وئي، جڏهن ته پوليس ڳوٺ مان هڪ موٽر سائيڪل ۽ 13 ڍور چوپايو مال ڪاهي وئي آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته رتوديرو پوليس بلا جواز اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري، 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ، 13 ڍور چوپايو مال ڪاهي وئي آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او رتوديرو جو چوڻ آهي ته ڦر جي ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.