ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ننگرپارڪر کان احتجاجي مارچ

مٺي(بيورو رپورٽ) ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ مختلف مسئلن خلاف سنڌ ڪولهي اتحاد ننگرپارڪر کان مٺي تائين پيادل لانگ  مارچ شروع ڪري ڇڏيو.امر روپلو ڪولھي جي يادگار کان رڻڇال ڪولھي جي اڳواڻي ۾ ننگرپارڪر کان مٺي تائين پيادل مارچ شروع ڪيو ويو آهي،ڪولهي اتحاد پاران ننگرپارڪر شهر ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪرڻ بعد اڳتي مارچ شروع ڪيو ويو،ڪولهي اتحال جي اڳواڻي ڪندڙن جي مطالبن جي لسٽ موجب ٿرپارڪر ۾ اينيمي پراپٽي هيٺ آيل زمين جا مقامي قبضيدار لينڊ ليس ماڻھڻ کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن،ڪارونجهر جبل جي سونهن فقير وڻ گگرال کي ٽڪ هڻي قتل ڪرڻ بند ڪريو،انساني آبادي ۽ ڌرتي جي سونهن جھنگلي جيوت پکي پکڻ جي جياپي لاءِ ڊيمن مان زرعي مقصدن خاطر پاڻي کڻن بند ڪيو وڃي. ،پسمانده آديواسي شيڊيولڊ ڪاسٽ برادرين جي قبرستانن ۽ زمينن تان قبضه ختم ڪرايا وڃن،مخصوص سيٽون ختم ڪري ٻٽي ووٽ جو حق ڏنو وڃي ۽ شيڊيولڊ ڪاسٽ  ڪوٽا بحال ڪئي وڃي،پسمانده آديواسي شيڊيولڊ ڪاسٽ برادرين جي مستقل رهائش لاءِ زمين مختص ڪري ڏني وڃي،شھيد روپلو ڪولھي جي اصل وارثن جي مالڪي ڪري انهن کان نئون ڪوٽ قلعه ويجهو مختيارڪار مٺي پاران خالي ڪرايل پلاٽ واپس ڏياريا وڃن،شھيد روپلو ڪولھي جي يادگار جو ڪم مڪمل ڪرائي قبضا ختم ڪرايا وڃن،ڪارونجهر سميت سمورين ٽڪرين کي ليز تي ڏيڻ بند ڪيو وڃي،پارڪر جي ريتي ۽ بجري کي مقامي ماڻھن جي گھريلو استعمال ڪرڻ تان پابندي ختم ڪئي وڃي،لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ رڻڇال ڪولهي چيو آهي تہ ننگرپارڪر کان مٺي تائين لانگ مارچ ڪرڻ جو سبب ڄاڻايل مطالبا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.