قمبر ۾ ٽن ڄڻن جو قتل ڪيس، جوابدار کي عمر قيد

قمبر ( ن ع آ ) قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج غلام قادر تنيو جي عدالت جوابدار قمرالدين ايري کي ٽن ڄڻن کي قتل ڪرڻ جي ڏوھ  ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ پنج لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي جوابدار9سال نصير آباد شهر ڀرسان جمع خان ايري ۾سڱاوتي تان ٽن ڄڻن  لياقت علي ايري مسمات لکان ۽ سندس ٽن مهينن جو پٽ ظفرکي قتل ڪيو هو جڏهن ته ساڳئي ڪيس 8 جوابدار روپوش آهن ۽ ٻن ڄڻ وزير علي ۽ شمن علي ايري کي ڏوھ ثابت نه  ٿيڻ تي ڪورٽ آزاد ڪري ڇڏيو آهي جوابدر کي سخت سيڪيورٽي هيٺ لاڙڪاڻي جي سينٽرل جيل موڪليوويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.