خيرپور جي عدالت ۾ گمبٽ اسپتال جي ڊاڪٽر ۽ نرس تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي درخواست

خيرپور (ڊر) گمبٽ جي علائقي غريب آباد محلا کهڙا جي رهواسي سدا حسين ولد پير بخش ناريجو طرفان خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت ۾ پير  عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ گمبٽ ۾ ڊيوٽي ڪندر ليڊي ڊاڪٽر آمنه، نرس ماروي، نرس حاڪم ۽ ماجد علي منگي خلاف ڊيوٽي ۾ غفلت ۽ لاپرواهي برتڻ جي الزامن هيٺ ايف آءِ داخلا جي حڪم جي استدعا ڪندي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. عدالت سندس درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي کين جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

نيشنل بينڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل مختلف ملڪن جي ڪرنسين جي وڪري ۽ خريد جا اگهه

ڪراچي (اي پي پي) نيشنل بينڪ پاران جاري ڪيل مخلف ملڪن جي ڪرنسين جي وڪري ۽ خريد جا اگهه هن ريت رهيا.آمريڪي  ڊالر جي وڪري جو اگهه 160.19 ۽ خريدجو اگهه 156.52 روپيا،يورو جي وڪري جو اگهه 189.87 روپيا ۽ خريد جو اگهه 206.93 روپيا،جاپاني ين جي وڪري جو اگهه 1.5326 روپيا ۽ خريد جو اگهه 1.4793 روپيا،سعودي ريا جي وڪري جو اگهه 42 .72 روپيا ۽ خريد جو اگهه 41.73 روپيا جڏهن ته اماراتي درهم جي وڪري جو اگهه 43.62 روپيا ۽ خريد جو اگهه 42.60 روپياريڪارڊ ڪيو  ويو.

هاءِ ٽيڪ لبريڪينٽس کي ٽن مهينن دوران 89.3 ملين روپين جي آمدني

اسلام آباد (اي پي پي) هاءِ ٽيڪ لبريڪينٽس کي 30 سيپٽمبر 2020 تي ختم ٿيل ٽه ماهي دوران 89.3 ملين روپين جي خالص آمدني ٿي. پاڪستان اسٽاڪ  ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) کي موڪليل ڪمپني جي مالياتي انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ڪمپني کي 89.3 ملين روپين جي ٽيڪس کانپوءِ آمدني حاصل ٿي،جڏهن ته گذريل مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر 2019 لاءِ ڪمپني کي 242.1 ملين روپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.اهڙي ريت گذريل مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ نقصان جي ڀيٽ ۾ جاري مالي سال جي ان عرصي دوران هاءِ ٽيڪ لبريڪينٽس کي 89.3 ملين رووپيا ٽيڪس کانپوءِ جي آمدني حاصل ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.