گلگت بلتستان جون چونڊون ۽ ايندڙ سياسي صورتحال

مير ذوالفقار چانڊيو

خيرن سان گلگت بلتستان اليڪشن پنهنجي منزل تي پھتي، تجزيي نگارن جا تجزيا ۽ ڪارڪنن جون اڳڪٿيون پنهنجي پڄاڻي تي پھتيون، ڪنهن کٽيو ڪنهن ھارايو اھو مقابلي جو حصو ھوندو آهي پر جھڙي طرح گلگت بلتستان ۾ حڪمران جماعت کي ڪاميابي ملي آهي يا وري ڪامياب ڪرايو ويو آهي اھو پاڪستان  ۽ ھاڻي گلگت جو پراڻو طريقو آهي انھيءَ طريقي سان طاقتور ڌريون ۽ اسٽبلشمينٽ جنهن کي چاھين انهن کي اقتدار جي مسند تي ويھاري سگهن ٿيون، انهن کي ڪير به روڪڻ يا جھلڻ وارو نه آهي پر ھتي عوام جي ذھنن ۾ اھو ضرور سوال ڦرندو ھوندو ته جنهن پارٽي گذريل ٻن چونڊن ۾ گلگت اندر ھڪ سيٽ تي ڪاميابي نه ماڻي، سيٽ کٽڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر ان پارٽيءَ کي چونڊ ۾ اميدوار نه ملندا ھئا ۽ ان پارٽيءَ جي ليڊر ڪڏهن گلگت اندر ڪنهن سياسي جلسي جي ورڪز ڪنوينشن کي خطاب نه ڪيو ھو اوچتو ان پارٽي جي وفاقي ڪابينا جي ڪجهه وزيرن کي چونڊ مھم ھلائڻ لاءِ گلگت موڪليو ويو موصوف وزيرن جنهن طريقي سان اليڪشن مھم ھلائي ان جو انداز ئي مختلف ھو اليڪشن جلسن ۾ مخالف پارٽي اڳواڻن لاءِ  حد کان وڌيڪ ڪريل ٻولي ڳالھائي انهن کي گارگند ڪرڻ پھريون دفعو ٻڌو پر ايترو نه موصوف وزيرن طرفان گلگت اليڪشن کان چار ڏينهن پھرين گلگت اندر مفت اٽو ۽ غريبن ۾ پيسا تقسيم ڪيا ويا ھئا جنهن جون سرعام ويڊيو وائرل ڪيون ويون پر ڪنهن به آفيسر يا اليڪشن ڪمشنر نوٽيس نه ورتو ٻيو ته ٺھيو پر پ پ پ چئرمين بلاول ڀٽو مطابق ته اليڪشن جي ڏينهن پ پ پ جي ايجنٽن کي يرغمال بڻائي زبردستي ٺپا لڳايا ويا.

خير اھڙيون ڳالهيون الزام اليڪشن جو حصو ھوندا آهن انهن ڳالهين ۽ اھڙي قسم جي الزامن کان سواءِ اليڪشن نا مڪمل ھوندي آهي، گلگت بلتسان جي اليڪشن رزلٽ غير حتمي غير سرڪاري نتيجن مطابق پاڪستان تحريڪ انصاف 9 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي سرفھرست آئي ٻئي نمبر تي آزاد ميمبرن جون 6 سيٽون آهن، ٽيون نمبر پ پ پ جو آهي پنج سيٽون نواز ليگ 2 سيٽون جي يو آءِ ھڪ سيٽ تي ڪاميابي ماڻي سگھيون، اھڙي طرح پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ميمبرن سان گڏجي وڏي مشڪل سان گلگت ۾ حڪومت ٺاھيندي.

گلگت حڪومت ٺاهڻ لاءِ 14 سيٽون گھربل ھونديون آهن تحريڪ انصاف ۽ آزاد ميمبرن جون گڏيل سيٽون 15 ٿينديون يا وري پ پ پ پنهنجي جادو ۽ مفاھمت جي لٺ سان آزاد ميمبرن،  نواز ليگ ۽ جي يو آءِ سان گڏجي حڪومت ٺاھيندي، خير اھو بعد جو مسئلو آهي پر گلگت اليڪشن مان اھو ثابت ٿي ويو ته اسٽبلشمينٽ اڃا به حڪومت سان گڏ بيٺل آهي طاقتور ڌريون ۽ اسٽبلشمينٽ عمران خان جي حڪومت مان خوش آهن جنهن جو خاص مقصد آهي ته ايندڙ سال ملڪ اندر سينيٽ اليڪشن ۽ آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي واضع اڪثريت ڏياري ويندي.

اڳ وانگر ھاڻي به اسٽبلشمينٽ پنهنجي ھڪ ٻانهن ضرور مضبوط ڪندي جيئن ڏکئي وقت ۾ تڪليف محسوس نه ٿئي باقي پي ڊي ايم اتحاد اڳ وانگر ويجهي مستقبل ۾ حڪومت کي ڪجهه به نه ڪري سگھندو پي ڊي ايم اڳواڻ روز روز سياسي بيان ڏئي حڪومت کي گهر موڪلين ٿا اھا انهن جي ھڪ قسم جي سياست ۽ ميڊيا ۾ زندهه رھڻ جي ڪوشش آهي ٻيو ڪجهه به نه آهي منهنجي مطابق ته سينيٽ ۽ آزاد ڪشمير اليڪشن تائين حڪومت ۽ وزيراعظم جي ڪرسيءَ کي نه لھر نه لوڏو آهي باقي ان کان پوءِ حڪومت جا کٽن ڀاڳ مطلب ته اڃا به 6 مھينن تائين حڪومت کي ڪجهه به نه ٿيندو پنهنجي مرضيءَ سان ھلندي رھندي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.