سڀني سنڌي جماعتن کي سندن شاندار ٻڌيءَ تي مبارڪون هجن

ايڊيٽوريل

سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڪراچي ۾ آچر ڏينهن هڪ شاندار ۽ يادگار ريلي ڪڍي وئي ۽ گورنر هائوس آڏو ڌرڻو ڏنو ويو جنهن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ محاذ، عوامي جمهوري پارٽي، عوامي ورڪرز پارٽي، جي يو آءِ نيشنل پارٽي، جيئي سنڌ قومي پارٽي، سنڌياڻي تحريڪ،  ليبر پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن، عورتن، اديبن، صحافين ۽ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ان ريلي ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو نامنظور، سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا نامنظور جا نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سربراهه ۽ ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اسين لکين سنڌي گورنر هائوس آڏو اچي گڏ ٿيا آهيون ته مان چوان ٿو ته گورنر هائوس انهن ماڻهن جا فوٽو ڪڍي پنهنجي آقائن کي ڏيکاري ته ٻيٽن تي قبضي خلاف ڪيترا ماڻهو گڏ ٿيا آهن. هن چيو ته وفاق جي نالي تي ڦرلٽ کي رد ڪيون ٿا. ايس ٽي پي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هيءَ ريلي ۽ ڌرڻو صدر، وزيراعظم ۽ گورنر لاءِ پيغام آهي ته اسين صدارتي آرڊيننس کي رد ڪيون ٿا. هن چيو ته صدر عارف علوي جڏهن عهدي تان لهندو ته پاڪستان جي ناليواري وڪيل غلام شاهه ذريعي مٿس ڪيس داخل ڪنداسين ته هن آئين جي برخلاف آرڊيننس آندو آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر رسول بخش خاصخيلي ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حور النساءِ چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته صدارتي آرڊيننس واپس ورتو وڃي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشيءَ چيو ته جيستائين آرڊيننس واپس نه ورتو ويندو تيستائين سنڌي قوم احتجاج ڪندي رهندي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته ملڪ جي صدر ۽ وزيراعظم کي اهو اختيار ناهي ته آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن  تي قبضا ڪن. ايس يو پي جي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو ته اسان ٻيٽن ڏانهن وياسين ته بندوقون سڌيون ڪيون ويون. جي يو آءِ جي اڳواڻ تاج محمد چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ناجائز ۽ حرام آهي. سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين  نواز خان زنئور خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق کي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ وشنو مل چيو ته آرڊيننس واپس وٺڻ تائين جدوجهد جاري رهندي. نيشنل پارٽي سنڌ جي اڳواڻ ملڪ توصيف خطاب ڪندي چيو ته وفاق پاران جاري ڪيل آرڊيننس پويان وڏي سازش آهي. ريلي کي ناليواري محقق گل حسن ڪلمتي، علي نواز ٻٽ، اسلم خيرپوري،عظميٰ نوراني، خدا ڏنو شاهه، سعيده گوپانگ سميت ڪيترن ئي ناميارين شخصيتن خطاب ڪيو. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران ان احتجاج جي موقعي تي صدارتي آرڊيننس کي غير آئيني قرار ڏيڻ جي قرارداد پڻ پاس ڪئي وئي ۽ اهو صدارتي آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. بعد ۾ اهو يادداشت نامو گورنر هائوس ۾ جمع ڪرايو ويو.

هونئن ته مٿي ڄاڻايل سڀ جماعتون پهريون به سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي صدارتي آرڊيننس کي رد ڪري اهو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري چڪيون آهن پر آچر جي ڏينهن 15 نومبر تي وري سنڌ جون سڀ نمائندا جماعتون سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي متحد ٿي، هڪ آواز اٿاريو ته سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن به نالي ۽ ڪنهن به شڪل ۾ ڪهڙي به قسم جو قبضو نامنظور آهي جنهن کي اسان سنڌ جو سياسي ريفرنڊم سمجهون ٿا. اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته وفاقي حڪومت ۽ ملڪ جي صدر کي اڃان ڪيئن ٻڌائجي ته سنڌ جي ٻيٽن تي سندن رٿا کي سنڌ جون سڀ جماعتون پوءِ اهي وفاقي هجن، قومپرست هجن مذهبي هجن يا سماجي توڙي ادبي سڀ جون سڀ رد ڪن ٿيون. پيپلز پارٽي جي حڪومت به سنڌ اسيمبلي مان ان صدارتي آرڊيننس کي رد ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪري چڪي آهي ۽ ٻيٽن بابت ڏنل اين او سي به واپس وٺي ڇڏي آهي ته باقي وفاقي حڪومت ڪهڙي سنڌ جي ترقي جي ڳالهه ڪري ٿي، سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق ترقي جي نالي ۾ جيڪي منصوبا شروع ڪري رهيو آهي تن کي ته سنڌ جون سڀئي سياسي جماعتون ۽ سنڌي عوام نه رڳو رد ڪري چڪو آهي پر سراپا احتجاج بڻجي چڪو آهي ۽ وڏي واڪي اعلان ڪري چڪو آهي ته جنهن رٿا کي اوهان سنڌ  جي ترقي ٿا سمجهو تنهن کي اسان سنڌ جي تباهي ٿا سمجهون پوءِ به جيڪڏهن وفاق ان رٿا  تي بضد آهي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته پي ٽي  آءِ جي حڪومت سنڌ سان سچي ناهي ۽ سنڌ جي عوام جي راءِ کي غير جمهوري ۽ غير پارلياماني انداز سان ٿڏي رهي آهي.

اسان هن ايڊيٽوريل ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي ٻيٽن تي قبضي جي نندا ته ڪندا رهيا آهيون پر اڄ اصل ۾ اسان سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۽ ان جي سڏ تي آيل انهن سڀني جماعتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهينداسين جن متحد ٿي، پارٽي اختلافن کان مٿانهون ٿي ” سنڌ“ جي عظيم مفاد ۾ هڪ ٿي آواز اٿاريو ۽ ٻڌيءَ جو اهو عظيم مظاهرو ڪيو آهي، جنهن جي اسان کانئن وڏي عرصي کان گهر ڪندا رهندا آهيون. اسان کين سندن ان شاندار اجتماع ڪرڻ تي واڌايون ڏيون ٿا ۽ سندس ان مزاحمت کي درست رخ ۾ ڪيل  جدوجهد سمجهون ٿا. اسان سمجهون ٿا ته اها رڳو سندن نه پر اسان سڀني جي ڪاميابي آهي، سنڌ جي ڪاميابي آهي ۽ اوهان سڀني جماعتن گورنر هائوس آڏو ڌرڻو ڏئي سنڌ سان جيڪا نمڪ حلالي ڪئي آهي تنهن تي اوهان کي اٿي بيهي سلام پيش ڪيون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.