معصوم عليشا سان ايئن ڇو ڪيو ويو…؟

آزاد گھلو

دنيا جي وحشي تاريخ، پنھنجي دور جي دردناڪ تاريخ  انھن وحشي انسانن جي ذلت آميز ڪارنامن سان ڀري پئي آھي جيڪي انھن پنھنجي ذاتي مفادن، قبضن، ڦرلٽ، قتل ۽ غارت، اغوا ۽ پنھنجي طاقت کي تقويت ڏيڻ ۽ ھڪ ھٽي قائم رکڻ لاءِ محڪوم ڌر سان ڪيا آهن، جيڪي ڪنھن به باضمير شخص جي روح کي لرزائي وجھن اشتراڪي دور جي قبائلي جھيڙي جي ان ڀالي کان جيڪو ڪنھن ڳڀرو جي سيني تي پنھنجي تيک جو نشان ڇڏي، ان کي موت جي حوالي ڪري ۽ ڪنھن ٻئي جي موت جو سينگار ٿندو ھيو ان ڀالي کان جاگيرداري دور جي ظالمن جي تلوارن ۽ خنجرن جي رياستي ويڙھ کان جنھن ۾ لکين غلام موت جي حوالي ٿي جيئري ته نه پر مارجڻ کانپوءِ غلاميءَ کان نجات حاصل ڪندا ھيا  نه صرف ايترو پر ڏاڍي ڌر پنھنجي وحشت جا درياھ اڪري محڪوم ۽ مظلوم قبيلن ۽ قومن جي عورتن ۽ نوجوان نارين سان جنسي زيادتيون ڪري اھڙو ته غير انساني سلوڪ ڪندا ھيا جو ان قيامت جو انتظار ھميشه لاءِ ختم ٿي ويندو ھيو جيڪا قيامت ھر شيءِ کي ختم ڪري ۽ آخرت جو فيصلو ڪندي آهي.

عورتن ۽ ڪنوارين نارين سان جنسي زيادتين جي تاريخ تي مختصر نظر ڪجي ۽ ان تناظر ۾ موجوده ترقي يافته دنيا، جنھن جي لاءِ ڪنھن ڏاھي چيو ته، موجوده دور جي انسان پاڻيءَ ۾ مڇي جيان گھڙڻ ۽ گھمڻ، آسمان تي پکين جيان اڏرڻ ته سکي ورتو آھي پر ڌرتيءَ تي انسان ٿي رھڻ اڃان نه سکيو آھي، کي ڏسجي ته اھو جھالت جو سماج اڃان به قائم آھي،ريپ قديم دور کان ھڪ جنگي ھٿيار طور ڪم ايندو رھيو آھي جنھن جو مقصد دشمن، محڪوم،  قوم جي عورتن سان زيادتي ڪري پنھنجي بھادري ۽ فتح کي ثابت ڪرڻ لاءِ استعمال طور ڪم ايندو رھيو آھي. افسوس ته اھو واھيات عمل اڃا به ان ٿوڪاريل سوچ تحت جاري آھي.

ريپ کي جنگي ھٿيار طور ڪيئن استعمال ڪيو ويو ان جو ھڪ مثال ايران جي قاچار خاندان جي بادشاهه فتح علي شاهه قاچار( 1864)جو آهي جنھن جڏھن قفقاز تي وحشي فوجين سان حملو ڪيو ته نه صرف اتي قتل و غارت ۽ لٽ مار ڪئي پر فوجي مفتوح عورتن سان ريپ ڪري پنھنجي وحشت جي نشان طور انھن جي ساڄي ڄنگهھ جي رڳ کي ڪٽي ڇڏيندا ھيا جيڪي ھميشه لاءِ معذور ٿي وينديون ھيون ۽ اھي عورتون جڏھن منڊڪائي ھلنديون ھيون ته ڏسڻ وارا سمجھي ويندا ھيا ته ھي اھي ئي عورتون آھن جن عورتن جو ريپ ايراني حملي آور فوج ڪيو آھي ۽ جڏھن يھودين فلسطين تي قبضو ڪيو ته شڪست کاڌل قوم جي نارين سان اھڙو ئي ظلم ڪيو ويو. سڪندر يوناني جڏھن غزه تي حملو ڪيو ته ھن به اتي جي مردن کي قتل ڪيو ۽ يوناني حملاآور فوج اتان جي مفتوح عورتن سان ريپ ڪيو ان وقت ماڻھون پنھنجن عورتن کي جھنگلن ۽ جبلن ۾ لڪائي ڇڏيندا ھيا جيئن اھي حملي آورن جي وحشت کان بچي سگھن. تاريخ شاھد آھي ته يونان، ايران، روم، عربستان، قسطنطنيه ۽ ٻين ملڪن ۾  مفتوح عورتن جو وڪرو انساني تاريخ جو سڀ کان وڏو ڪاروبار رھيو آھي بغداد، دمشق ۽ بصره ۾ حاڪمن جي محلن، حرم سرائن ۽ عشرت ڪدن ۾ پڻ ۾غلام ناريون جنسي زيادتين جو شڪار ٿنديون رھيون آهن.

افسوس جو اھو ساڳيو دور پنھنجا اثر اڃا به قائم رکندو ٿو اچي جو ھڪ معصوم جنھن جي مرڪ ڪائنات جي سڀ کان حسين خوبصورتي آھي جنھن جي مسڪراھٽ پيغمبر به اڌاري وٺي پنھنجي چھري تي سجائي رکندا آيا ان معصوم عليشا سان ھڪ انسان نما وحشي درندي زيادتي ڪري اسان کي خدا کان اھو سوال ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي ته اي مالڪ هي ڇا ٿي رهيو آهي؟

ان ماءُ کان ڪير پڇي ته سندس دل تي ڇا گذري رھي آهي جيڪا پاڻ سان ٿيل زيادتي ته وساري سگھي ٿي پر پنھنجي معصوم جو سور کيس اندر ئي اندر جھوريندو کائيندو ويندو اھا ماءُ جنھن عليشا کي ڄڻڻ وقت سور گاڏڙ خوشي مان ڏسي خوشي جو ٿڌو ساهه ڀريو ھوندو، ان ٿڌي ساهه جي سچائي ھن وحشي سماج جي درندگي جي ور چڙھي نيلام ٿي وئي ۽ ھاڻي زندگي جي آخري گهڙي تائين تبسم جي چپن تان تبسم ھميشه لاءِ موڪلائي ويو.

معصوم وجود جي جسم تي سگريٽن جا ڏنڀ ۽ کير جھڙا اجرا ڏند جيڪي جڏھن ٻار کي ڄمندا آھن ته ان جي ماءُ جي خوشي جي حد نه ھوندي آھي ڄڻ سندس ڪائنات مٺ ۾ اچي وئي ھجي انھن ڏندن کي ڀڃي ۽ ڏنڀ ڏئي ظلم عظيم ڪري آخر ڪھڙي دشمني جي سزا ڏني وئي معصوم کي جڏھن به عليشا پاڻ سان ٿيل ظلم جو سوال ڪندي ته ڪنھن به انسان ڪنھن به مذھب وٽ سندس سوال جو جواب نه ھوندو.

منھنجو قلم ۽ ضمير اجازت نٿو ڏئي ته مان انھن درندن جا نالا لکي معصوم عليشا جي نالي سان لکيل ھن نوحي کي ھن مضمون کي داغدار ڪري معصوم عليشا جي معصوميت کي ڇيھو رسايان ۽ ھا! جيڪي ماڻھون قانون قانون ڪندا وتن ٿا انھن کان پڇاڻو آھي ته طبقاتي ملڪ جو قانون به طبقاتي ھوندو آھي انھن کان پڇاڻو آھي ته معصوم عليشا جي جاءِ تي اوھان جي ڪا نياڻي ھجي ھا پوءِ به اوھان جي اھيا ساڳي راءِ ھجي ھا؟

حڪومت کان مطالبو آھي اھا حڪومت جيڪا بجيٽ جو ڪافي حصو دفاع ۽ ٻين غير ضروري ڪمن تي خرچ ٿي ڪري جنھن عليشا جي پڙھائي ۽ سموري خرچ جي ذميواري کنئين آھي اها بيواهه ۽ بي سھارا عورتن جي لاءِ بجيٽ مان ڪجھ حصو مختص ڪري ته جيئن ڪا ٻي مائي تبسم غربت کان مجبور ٿي پاپي پيٽ لاءِ ڪنھن جي ڪوڙي نوڪري جي آسري تي لڳي، اھڙي ظلم ۽ بربريت جو شڪار نه ٿئي

پوليس مقابلي ۾ ماريل وحشي زمين ۾ دفن ڪري ان زمين کي ناپاڪ نه بڻايو وڃي اھڙي درندي لاءِ وڏي کان وڏي سزا به گھٽ آھي مان تشدد جو قائل نه ھوندي به انھن وحشين جي لاءِ عبرتناڪ سزا جو حامي آھيان جيئن ڪا معصوم زينب ۽ پرين جي ديس جي پري عليشا اھڙن وحشين کان محفوظ رھن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.